ثقفي حجاج بن يوسف

ثقفي، حجاج بن يوسف: حجاج بن يوسف (41 هه/661ع-95هه/714ع) بنو اميه جو هڪ جابر گورنر هو ۽ محمد بن قاسم جي چاچي ۽ سهري طور پڻ مشهور آهي، فتحنامه سنڌ عرف چچ نامي جو مصنف لکي ٿو ته محمد بن قاسم حجاج بن يوسف جو سئوٽ ۽ ناٺي هو، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان ڳالهه تي اختلاف ڪندي ضميمي ۾ شجرو ڏئي اهو ڄاڻايو آهي ته محمد بن قاسم، حجاج جو سئوٽ نه بلڪه حجاج جي سئوٽ جو پٽ هو ۽ ناٺي ان ڪري نه ٿيو، جو حجاج کي ڪا به ڌيءَ نه هئي. محمد بن قاسم جي موت بابت فتح نامه سنڌ جو مصنف لکي ٿو ته، ”خليفي وليد بن عبدالملڪ ڏي جڏهن محمد بن قاسم راجا ڏاهر جون ٻه ڌيئرون (پرمل ديو ۽ سوريا ديو يا سورج ديو) يرغمال بڻائي موڪليون، تڏهن خليفو وليد تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ پنهنجي ترجمان جي مدد سان پهرين وڏي ڀيڻ کي پاڻ وٽ گهرائي گفتگو ڪرڻ لڳو، خليفي وليد هن کان نالو پڇيو ته هن پنهنجو نالو ”سوريه ديوي“ ٻڌايو ۽ جڏهن سوريه ديوي پنهنجو منهن کولي خليفي ڏي ڏٺو، تڏهن خليفو هن جو حسن ۽ جمال ڏسي چريو ٿي پيو ۽ هن جي خونخوار ناز و ادا خليفي جي دل کان صبر کسي ورتو. خليفي جيئن ئي سوريه ديوي کي هٿ وجهي پاڻ ڏي ڇڪيو ته هيءَ يڪدم اٿي بيهي رهي ۽ چيائين ته امير محمد بن قاسم اسان ٻنهي ڀينرن کي ٽي ڏينهن پنهنجي حرم سراءِ ۾ رکي پوءِ هتي دارالخلافت جي خدمت لاءِ موڪليو آهي. شايد توهان جو دستور ايئن هجي؟ خليفو وليد اهو ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. هڪ فرمان پنهنجي هٿ سان محمد بن قاسم ڏي لکي موڪليائين ته، ”محمد بن قاسم جتي به پهتو هجي ته کيس گهرجي ته پاڻ کي ڪچيءَ کل ۾ بند ڪري دارالخلافت ڏانهن واپس ٿئي“. محمد بن قاسم حڪم جي تعميل ڪئي ۽ سندس اميرن اوڌاپور ۾ محمد بن قاسم کي ڪچيءَ چمڙي ۾ بند ڪري صندوق ۾ رکائي روانو ڪيو. محمد بن قاسم دارالخلافت پهچڻ کان اڳ ئي وفات ڪري ويو ۽ جڏهن صندوق خليفي وليد جي سامهون آئي، تڏهن خليفي راجا ڏاهر جي ڌيئرن کي سڏي چيو ته ڏسو اهو ئي آهي نه؟ ان تي ٻنهي ڀينرن خليفي کي چيو ته محمد بن قاسم ته اسان جي پيءُ ۽ ڀاءُ وانگر هو، اسان کي ته صرف پنهنجي پيءُ جي قاتل کان وير وٺڻو هو. اهو ٻڌي خليفي کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ افسوس وچان پنهنجي هٿ جي پٺيءَ کي چڪ وجهڻ لڳو ۽ راجا ڏاهر جي ٻنهي ڌيئرن کي ڀت ۾ لنبرائي ڇڏيائين.“
حجاج بن يوسف ثقفي 41 هه/ 661ع ۾ طائف ۾ پيدا ٿيو. هن جو بنو ثقيف جي هڪ شاخ احلاف سان تعلق هو. هن جي والده بنو ثقيف جي قبيلي مان هئي ۽ مغيره بن شعبه جي طلاق يافته زال هئي. حجاج هڪ غريب گھراڻي ۾ پيدا ٿيو، جن جو پيشو پٿر ٽوڙڻ هوندو هو. حجاج، عبدالملڪ جي ابتدائي دور ۾ طائف کان دمشق آيو، جتي کيس فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو ۽ جلد ئي کيس فوج جو سپهه سالار مقرر ڪيو ويو. حجاج جي قيادت ۾ سڀ کان پهرين لڙائي عبدالله ابن زبير جي لشڪر سان ٿي. حجاج لڙائيءَ دوران ڪعبة الله ۽ حاجين تي پٿر وسرايا ۽ جڏهن عبدالله بن زبير جنگ ۾ قتل ٿي ويو ۽ مڪي تي حجاج جو قبضو ٿي ويو، تڏهن عبدالملڪ هن کي حجاز، يمن ۽ يمامه جي گورنري عطا ڪئي. 75 هه/694ع ۾ حجاج کي جڏهن عراق جو گورنر مقرر ڪيو ويو ته هن اتي ظلم ۽ تشدد جي انتها ڪري ڇڏي، انهيءَ زماني ۾ حجاج ۽ انس بن مالڪ جي وچ ۾ جھڳڙو ٿيو، جيڪو خليفي عبدالملڪ وچ ۾ پئي ختم ڪرايو. چيو وڃي ٿو ته حجاج ڪوفي ۽ بصري کان علاوه خراسان ۾ ايڏو ته ظلم ۽ تشدد ڪيو، جو درياهن ۾ پاڻيءَ بدران خون وهڻ لڳو. عبدالملڪ کانپوءِ جڏهن وليد تخت نشين ٿيو، تڏهن هن حجاج کي سڀ اختيار ڏئي ڇڏيا. انهيءَ دؤر ۾ حجاج، محمد بن قاسم کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو. پر سنڌ جي راجا ڏاهر پنهنجي وطن سنڌ ڌرتي جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان ڏني. بنو اميه جي هن ظالم ۽ تشدد پسند گورنر 52 سالن جي ڄمار ۾ 95 هه/714ع ۾ وفات ڪئي. المسعودي هن جي موت جو سبب معدي جي ڪينسر ڄاڻايو آهي. هن جي قبر کي بيحرمتيءَ کان بچائڻ خاطر هن جي قبر جو نالو نشان ئي ختم ڪيو ويو. حجاج هڪ ظالم ۽ تشدد پسند گورنر هو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جي وفادار ۽ جانثار صحابي حضرت قنبررضه کي هن بيڏوهه شهيد ڪرايو. حضرت قنبر جو اولاد قنبراڻي ذات سان مشهور آهي ۽ سنڌ جو جانثار سپه سالار هوش محمد پڻ قنبراڻي هو. ان کانسواءِ ڪيترن ئي رسول صلعم ۽ اُن جي آل جي پيروڪارن کي شهيد ڪيائين. ’تازن معرڪن جي تاريخ‘ ڪتاب ۾ نياز همايوني صاحب لکي ٿو ته، ”خليفي عمر بن عبدالعزيز کان روايت آهي ته دنيا جي سڀني ظالمن کي ترازوءَ جي هڪ پڙ ۾ ۽ ٻي پڙ ۾ حجاج بن يوسف کي رکي توريو وڃي ته حجاج بن يوسف ئي ڳرو ٿيندو.“ اموي حڪومت جي هن انصاف پسند بادشاهه عمر بن عبدالعزيز اچڻ سان ئي اموي بادشاهن جي ظلمن ۽ زيادتين کي مد نظر رکندي رعايا تي ظلم ۽ تشدد بند ڪرائي انصاف ۽ رحمدليءَ کي عام ڪيو. هن حجاج جي پوري خاندان کي جلاوطن ڪري ڇڏيو. هن جي والده عاصمه حضرت عمر فاروق جي پوٽي هئي. هن ئي غضب ٿيل باغ فدڪ اهلبيت کي واپس ڪيو.
خلافت و ملوڪيت‘ ۾ مولانا مودودي لکي ٿو ته، ”حجاج بن يوسف کي هن جي عاملن لکيو ته ذمي (اهي غير مسلم جيڪي اسلامي رياست ۾ رهي جزيو ڀرين) ڪثرت سان مسلمان ٿي بصري ۽ ڪوفي ۾ آباد ٿي رهيا آهن، جنهنڪري ڏن ۽ جزيي (غير مسلمانن مٿان ٽيڪس) جي آمدني گهٽجي وئي آهي. ان تي حجاج هڪدم فرمان جاري ڪيو ته انهن ماڻهن کي شهرن مان ڪڍيو وڃي ۽ انهن تي اڳ وانگر جزيو هنيو وڃي. هن حڪم جي تعميل ۾ جڏهن اهي نؤمسلم بصري ۽ ڪوفي مان ڪڍيا پئي ويا تڏهن هو وا محمدا!، يا محمدا! پڪاريندا، روئندا ويندا رهيا ۽ انهن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو هن ظلم جو ڪٿي وڃي فرياد ڪن. ان کانسواءِ هن ڪيترن عالمن ۽ بزرگن کي بيڏوهه قتل ڪرايو. حجاج پنهنجي دؤر ۾ عدالتي فيصلن بغير گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ويهه هزار قيدي قتل ڪرايا. هڪ ٻئي هنڌ مودودي صاحب لکي ٿو ته، ”ڪوفي ۾ حجاج بن يوسف جو حڪم ٿيل هو ته عرب کانسواءِ ڪو به شخص نماز ۾ امام (پيش امام) نه بنايو وڃي. عبدالله بن زبير ۽ ان جي ساٿين (عبدالله بن صحفوان ۽ عماره بن خرم) جا سر مبارڪ ڪٽي مڪي کان مديني ۽ پوءِ اتان دمشق روانا ڪيا ويا، هر جاءِ تي انهن جي سرن جي نمائش ڪئي وئي ۽ مڪي ۾ انهن جي لاشن کي سوليءَ تي لٽڪايو ويو، تان جو هنن جا لاش ڳري سڙي ويا. اڳتي مودودي صاحب لکي ٿو ته قرائت جو مشهور امام عاصم بن ابي النجود چوي ٿو ته ’الله جي منع ڪيل ڪمن مان ڪو به اهڙو نه رهيو، جيڪو حجاج نه ڪيو هجي.‘ حجاج حضرت بن مالڪ رضه'>انس بن مالڪ رضه ۽ حضرت سهل بن سعد جهڙن بزرگن کي گاريون ڏنيون ۽ انهن جي ڳچين تي مهرون لڳايون. حجاج جڏهن مري ويو، ان وقت سندس قيدخاني ۾ 80 هزار قيدي بيڏوهي قيد ۾ سڙي رهيا هئا.“
حجاج بن يوسف کي عبدالملڪ ۽ ان جي پٽ وليد جي دؤر ۾ کلم کلا ظلم و تشدد جي موڪل هئي، انهي ڪري عبدالملڪ مرندي وقت پنهنجي اولاد کي وصيت ڪئي هئي ته، ”حجاج بن يوسف جو هميشه لحاظ رکجو، ڇو ته هن ئي اسان جي سلطنت کي (ظلم ۽ زيادتي سان) هموار ڪيو آهي.“ بنو اميه طرفان مقرر ڪيل ظالم گورنر حجاج 95هه/714ع ۾ 52 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو